Amjad Sabri has filed a petition against Indian actor Salman Khan to record the Qawali in Bajrangi Bhai Jan film without his permission. Amajad Sabri said that Salman Khan sang qawali “Bhar do Jholi Meri ya Mohammad” without permission and petition was filed against him in Indian court. They have sent me a notice to prove that the qawali is your father’s property. He said that Adnan Sami Khan sang qawali in Banjrangi Bhai Jan and it was filmed on Salman Khan. Pakistani and Indian people know that it was my father’s qawali. Amjad Sabri has applied for Indian visa, I will discuss the issue with film director Kabir Khan and actor Salman Khan as soon as I get the visa and will follow the case proceedings in India.


امجد صابري سلمان خان جي خلاف عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

پاڪستان جو نالي وارو قوال امجد صابري بولي ووڊ فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ بغير اجازت جي قوالي ريڪارڊ ڪرائڻ تي اداڪار سلمان خان جي خلاف عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. امجد صابري چيو ته سلمان خان فلم بجرنگي ڀائي جان ۾ بغير اجازت جي قوالي بهر دو جهولي ميري يا محمد ڳائي جنهن تي ان جي خلاف ڀارت جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي. مقدمي کانپوءِ ڀارت جي طرفان نوٽس مليو آهي ته اهيو ثابت ڪر ته هي قوالي توهان جي والد جي آهي. ان جو چوڻ هيو ته بجرنگي ڀائي جان ۾ قوالي عدنان سميع خان ڳائي ۽ سلمان خان تي پڪچرائيز ڪئي وئي، پاڪستان ۽ ڀارت جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هي قوالي منهنجي والد ڳائي هئي. امجد صابري ڀارت جي ويزي جي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي، ويزا ملڻ تي فلم جي ڊائريڪٽر ڪبير خان ۽ اداڪار سلمان خان سان ان معاملي تي ڳالھ ٿيندي.