Rally against VC of Shaheed Benazir Bhutto University

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائس چانسلر ارشد سليم جي خلاف جسقم ۽ جساف پاران نوابشاهه ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف علائقن مان گذرندي اچي پريس ڪلب آڏو پهتي جتي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ۽ پريس ڪلب اڳيان 48 ڪلاڪن واري بک هڙتال جسقم جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سرفراز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ شروع ڪئي ويئي. بک هڙتال ۾ جسقم، جساف، سنڌي ادبي سنگت، مختلف سياسي، سماجي واپاري تنظيمن، قوم پرستن، شهري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. بک هڙتال کي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جو وائس چانسلر ارشد سليم مسلسل سنڌي ملازمن ۽ سنڌي شاگردن سان نا انصافي ڪري رهيو آهي جيڪو قابل برداشت نه آهي، کيس سياسي سپورٽ حاصل آهي. اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ارشد سليم کي هٽايو وڃي.